شيخ لاڏ جيو پاٽائي

شيخ لاڏ جيو پاٽائي: شيخ لاڏجيو پاٽائي 930 هه مطابق 1524ع ڌاري سنڌ جي قديم ڳوٺ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، نوجوانيءَ ۾ اتان لڏي برهانپور هليو ويو. کيس سنڌي ڪافيءَ جو موجد به سڏيو ويو آهي. هو خوبصورت هجڻ سان گڏ سريلي آواز جو مالڪ هو ۽ سنڌي موسيقيءَ ۾ کيس ڪمال جي مهارت هئي. خاص ڪري ڪافي اهڙي ته وڻندڙ پرسوز آواز ۾ ڳائيندو هو، جو ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هو. شيخ لاڏجيو، شيخ قاسم بن يوسف سنڌي، شيخ طاهر محدث سنڌي، شيخ مبارڪ سنڌي ۽ شيخ جندالله شطاريءَ جو صحبتي ۽ سنگتي هو. شيخ مبارڪ سنڌي، جيڪو ان وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل هو، اهو ۽ شيخ لاڏجيو گڏجي برهانپور ۾ اچي وسيا. شيخ لاڏجيي جي دم سان برهانپور ۾ راڳ ۽ سماع جون محفلون منعقد ٿينديون هيون. ۽ انهن جي ڪشش سان نوان ۽ پراڻا لڏي آيل سنڌي برهانپور ۾ جمع ٿيندا رهيا، ۽ اتي اڳتي هلي ”سنڌي محلو“ وڏو محلو بنجي ويو. شيخ لاڏجيو قناعت ۽ توڪل کي پسند ڪندو هو. علامه غوثي لکي ٿو ته: ”سندس حجرو حضرت مسيح الاولياءَ رح جي جامع مسجد جي اترين ديوار سان گڏ هو. اندازاً ستر سالن جي عمر ۾ 1007هه/ 1598ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس شيخ ابراهيم بن عمر سنڌيءَ جي مقبري ڀرسان دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو